اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد اڳواڻ محترمه ??ينظير ڀٽو کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي جان جو ن??رانو پيش ڪيو هڪ سياسي اڳواڻ جي حيثيت سا?? جمهوريت جي لاءِ جنگ وڙهي جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي پر ڳڙهي خدا بخش ۾ سندس ورسيءَ تي جهڙي قسم جي سياسي سرگرمي منعقد ڪئي وئي اها انتهائي نامناسب هئي، بلاول ڀٽو زرداري جو پارليامينٽ ۾ اچڻ خوش آئنده آهي پر کيس پنهنجي والده جي سياسي زندگي مان تمام گهڻو ڪجهه سکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي پاران محترمه ??ينظير ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو کل جوڳو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ عوام ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندي. هن مخ??لف نجي ٽي وي چينلن سا?? ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پاناما تي سياست ڪري رهيا آهن، پيپلزپارٽي محترمه ??ي ورسيءَ تي عوام کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ گڏ ڪيو.