اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مون 25 هزار 690 رپين ۾ سينيٽ جي اليڪشن وڙهي، اسان جو ڪو ساٿي سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جو حصو نه ب??يو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سينيٽ جي گذريل اليڪشن جي لاءِ منهنجا 25 هزار 690 رپيا خرچ ٿيا آهن، پ?? ٽي آءِ مان جيڪو به سينيٽ ميمبر چونڊيو اهو ووٽن جي خريد ۽ وڪري جو حصو نه بڻيو، پ?? ٽي آءِ اهو چاهي ٿي ته سينيٽ اليڪشن ۾ پئسن جو استعمال نه ٿئي، ان لاءِ سينيٽ اليڪشن اوپن هينڊ ڪرائڻ جي ڳالهه ۽ ان ڏس ۾ عملي قدم کڻي رهيا آهيون.